راند ۾ سفارش نه ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان نالو ٺهندو آهي: محمد حفيظ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد حفيظ چيو آهي ته راند جي ميدان ۾ سفارش نه صلاحيت جا جوهر ڏيکارڻ سان نالو ٺهندو آهي.
ڊائريڪٽوريٽ آف فزيڪل ايجوڪيشن ڪراچي يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ انٽر ڊپارٽمينٽل اسپورٽس گالا جي پڄاڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي محمد حفيظ چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايڏا وڏا اسپورٽس ايونٽ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي.
اڳوڻي ڪپتان اظهر علي خطاب ڪندي چيو ته رانديون قومن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، قوم جي حيثيت سان اسان کي راندين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، تعليمي ادارا اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.