سنڌ ۾ تعليمي سال ڪڏهن شروع ٿيندو؟ شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

تعليم کاتي نئين تعليمي سال 2024، 2025 ۾ تبديليون ڪيون آهن جنهن جو شيڊيول تيار ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي موجب اسڪول ۽ ڪاليجن جو تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو، نرسري کان ٽئين درجي جي ساگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

چوٿين کان اٺين درجي جي شاگردن جا امتحان 15 اپريل کان 27 اپريل تائين ٿيندا جڏهن ته نائين ۽ 10هين درجي جا بورڊ جا امتحان مئي ۾ ورتا ويندا.

تعليم کاتي موجب يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان مئي جي آخري هفتي ۾ ۽ ميٽرڪ جي نتيجن جو اعلان 31 جولاءِ تائين ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته انٽر جي نتيجن جو اعلان 31 آگسٽ تائين ڪيو ويندو.

امتحان ۾ 20 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 40 سيڪڙو ڪنسٽرڪٽڊ ڪويسشن، 40 سيڪڙو ايڪسٽينڊڊ ڪويسشن ڏنا ويندا.

تعليم کاتي موجب گرمين جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين ٿينديون، سياري جون موڪلون 21 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.