ڪولن منرو جو بال بواءِ لاءِ خاص پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي اوپننگ بيٽر ڪولن منرو بال بواءِ سبحان خان لاءِ خاص پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته توهان تمام جلد پي ايس ايل کيڏندئو.
ڪيوي ڪرڪيٽر ڪولن منرو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته توهان بائونڊري لائن تي بهترين ڪيچ ڪيو، ميچ کانپوءِ توهان سان نه ملي سگهيس پر ايندڙ ميچن ۾ ملاقات ٿيندي.
واضح رهي ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ميچ دوران سبحان خان بائونڊري لائن ٻاهران اڳ ۾ ڪيچ ڊراپ ڪيو ته ڪولن منرو کيس ڪيچ پڪڙڻ جو طريقو ٻڌايو، پوءِ سبحان ان ئي ميچ ۾ زبردست ڪيچ پڪڙيو هو.
سبحان طرفان ڪيچ پڪڙڻ کانپوءِ ڪولن منرو کيس ڀاڪر پاتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.