جيڪڏهن اوهان نيرن ۾ اڇي ڊبل روٽي کائيندا آهيو ته خبردار!

جيڪڏهن اوهان نيرن ۾ اڇي ڊبل روٽي کائڻ پسند ڪندا آهيو ته بهتر آهي ته ان کي ڪنهن ٻي غذا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ڇو جو اها عادت اوهان جي شخصيت جي ڪشش کي گھٽائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
اها دلچسپ دعويٰ فرانس ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
Montpellier يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو نيرن ۾ رفائن ڪاربوهائڊريٽس مان ٺيهل شيون جهڙوڪ اڇي ڊبل روٽي، اڇي اٽي مان ٺهيل پراٺي يا ڪيڪ وغيرا کائڻ پسند ڪندا آهيو ته اُهي ماڻهن کي گھٽ پرڪشش نظر ايندا آهن.
ان جي ڀيٽ ۾ نيرن ۾ ميون، برائون بريڊ يا ديسي ڪڻڪ مان ٺهيل شين جو استعمال شخصيت کي پرڪشس بڻائڻ سان گڏوگڏ صحت لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
محققن جو مڃڻ آهي ته رفائن ڪاربوهائڊريٽس مان ٺهيل شين جي استعمال سان بلڊ شگر ۽ انسولين جي سطح ۾ تبديليون اينديون آهن، جنهن سان کائڻ کان ترت پوءِ کَلَ تي ناڪاري اثر پوندا آهن جڏهن ته ڊگھي مدي جي بنيادن تي هارمونز به متاثر ٿي سگھن ٿا.
هنن چيو ته اهو تصور ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي ته اسان جي غذائي چونڊ ڪيتري تيزي سان شخصيت تي انداز ٿيندو آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته جسماني تبديلين سان چهري جي ڪشس متاثر ٿيندي آهي ۽ ٻين ماڻهن کي اسان کي گھٽ پرڪشش لڳندا آهن.
تحقيق موجب رفائن ڪاربوهائڊريٽس سان جسم ۾ بلڊ شگر جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي جنهن جي ردعمل ۾ جسم پاران انسولين خارج ٿيندي آهي.
ان ردعمل سان بلڊ شگر جي سطح تيزي سان گھٽبي آهي جنهن سان رت جو وهڪرو ۽ کَلَ جي خوبصورتي متاثر ٿيندي آهي.
ماهرن موجب اهو حيران ڪندڙ نه آهي غذا شخصيت جي ڪشش تي اثرانداز ٿيندي آهي.
هنن چيو ته ميون ۽ ڀاڄين سان جسم ۾ نباتاتي مرڪب وڌندا آهن جنهن سان جسماني ڪشش بهتر ٿيندي آهي جڏهن ته گھڻي کنڊ وارين شين سان کَلَ جي عمر تيزي سان وڌندي آهي.
سندن چوڻ هو ته ماڻهن کي رفائن ڪاربوهائڊريٽس تي ٻڌل غذائي شين جو استعمال محدود ڪرڻ گھرجي ته جيئن انهن جي صحت ۽ جسماني خوبصورتي ٻنهي تي ناڪاري اثر نه پون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.