هلندڙ سال سڀ کان ننڍو ۽ ڊگھو روزو ڪهڙو هوندو؟

رجب مهينو ايندي ئي ماڻهو رمضان جو انتظار ڪندا آهن ڇو جو رمضان مهيني لاءِ سڄي دنيا جا مسلمان اڳ ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

رپورٽ ۾ مصر نيشنل انسٽيٽوٽ فار ايسٽرانوميڪل ريسرچ جي سن رسرچ ليبارٽري جي تيار ڪيل فلڪياتي جائزي ۾ نار ملڪن لاءِ رمضان ڪيلينڊر تحت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هلندڙ سال رمضان ۾ 30 روزا ٿيندا ۽ پهريون روزو 11 مارچ تي ٿيندو.

ٻي پاسي پاڪستان ۾ به فلڪيات ماهرن موجب پهريون رمضان 11 مارچ تي ٿيندو پر حتمي تاريخ جو اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي چنڊ نظر اچڻ کان پوءِ ڪندي، پاڪستان ۾ هلندڙ سال رمضان 26 سالن کان پوءِ ٿڌي موسم ۾ اچي رهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نار ملڪن ۾ رمضان جو پهريون ڏينهن سڀ کان ننڍو هوندو جيڪو 13 ڪلاڪ 18 منٽن تي ٻڌل هوندو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته رمضان جي آخري يعني 30هون روزو 9 اپريل تي اڱاري جي ڏينهن ٿيندو، هلندڙ سال رمضان مهيني جو آخري ڏينهن ڊگھو ترين ڏينهن هوندو جيڪو 14 ڪلاڪ 14 منٽن تي ٻڌل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.