اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف واڌاين ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام موڪلڻ تي سعودي ولي عهد ۽ ڀارتي وزيراعظم سميت ٻين عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا آهن.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا تاريخي ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهن، اميد آهي ته ايندڙ وقتن ۾ اهي لاڳاپا وڌيڪ پائيدار ٿيندا.
ڀارتي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي شهباز شريف چيو ته وزيراعظم طور پنهنجي چونڊ تي مبارڪباد جي پيغام تي توهان جا ٿورا مڃان ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ابراهيم رئيسي جا به ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سندس طرفان مبارڪباد جي ڪال وصول ٿي، اسان پنهنجي ملڪن ۽ خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف قطري امير شيخ تميم بن حماد الثاني جا به ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
ان کانسواءِ هن ڪينيا جي صدر جا به ٿورا مڃيا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
Prev Post
You might also like