فيسبڪ ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي

ميٽا پاران فيسبڪ ۾ وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا ان سوشل ميڊيا نيٽورڪ جي استعمال جو تجربو تبديل ڪري ڇڏيندي.
سوشل ميڊيا ڪمپني پاران فيسبڪ الورٿم کي تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن ريلز، گروپس ۽ هوم فيڊ تي نظر ايندڙ رڪمينڊڊ وڊيوز کي بهتر بڻائي سگھجي.
ان مقصد لاءِ فيسبڪ ۾ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو.
ميٽا پاران فيسبڪ جي ننڍين وڊيوز جي سيڪشن ريلز ۾ اها تبديلي اڳ ئي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي فيسبڪ جي هر حصي ۾ ان کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
فيسبڪ جي سربراهه ٽام ايليسن اهو انڪشاف هڪ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
واضح رهي ته ميٽا پاران اڳ ئي ٽڪ ٽاڪ جي مقابلي لاءِ ننڍين وڊيوز تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ ان لاءِ طاقتور الگورٿيم به استعمال ڪيا پيا وڃن.
فيسبڪ جي سربراهه ٻڌايو ته جڏهن ريلز ۾ آي آءِ تي ٻڌل رڪمينڊيشن انجڻ جي آزمائش ڪئي وئي ته واهپيدارن پاران وڊيوز ڏسڻ جو وقت 8 کان 10 سيڪڙو وڌي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.