ثانيا مرزا پنهنجي خراب عادت ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي ٻٽي معنيٰ واري پوسٽ ۾ خطرناڪ عادت بابت انڪشاف ڪيو آهي.

انسٽاگرام تي ثانيا مرزا طرفان هڪ اسٽوري شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته منهنجي هڪ خراب عادت اهي، مان اهو فرض ڪريان ٿي ته ماڻهن ۾ عام شعور هوندو.

ثانيا مرزا پنهنجي اهڙي بري عادت بابت وڌيڪ لکيو ته پر مان ان وقت تپي باهه ٿي ويندي آهيان جڏهن مون کي خبر پوندي آهي ته ماڻهن ۾ عقل ئي ناهي.

ثانيا مرزا جي اها پوسٽ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ٻٽي معنيٰ واري لڳي ٿي جڏهن ته پنهنجي ٻي اسٽوري ۾ ثانيا مرزا پنهنجي شوٽنگ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.

ان پوسٽ ۾ ثانيا لکيو ته ميڪ اپ باءِ عاليا بيگ، ان موقعي تي ثانيا ڪنهن خاص موقعي جي شوٽنگ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.