بينڪن ۾ ڪيتري رقم تي زڪوات ڪٽوتي ٿيندي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هر سال جيان هن سال به بينڪن ۾ موجوده ڊپازٽس مان زڪوات جي رقم ڪاٽي ويندي.
هلندڙ سال واپاري بينڪن جي کاتن ۾ جيڪڏهن هڪ لک 35 هزار 179 رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم هوندي ته ڪٽوتي ڪئي ويندي.
مذهبي معاملن واري وزارت زڪوات جو مڪمل نصاب جاري ڪري ڇڏيو، بينڪن جي کاتن ۾ موجود رقم مان ڪٽوتي پهرين رمضان تي ڪئي ويندي آهي.
اسلامي شريعت موجب سال گذرڻ تي زڪوات ادا ڪرڻي پوندي آهي، سال گذرڻ جو مطلب آهي ته سال جي شروعات ۽ پڄاڻي تي ماڻهو نصاب رکندڙ هجي، وچئين مدي ۾ ايندڙ ۽ خرچ ٿيندڙ رقم جو حساب نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.