جسم جي اندر پلاسٽڪ جا ذرڙا موت ڏئي سگھن ٿا

پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا رت جي شريانين ۾ گڏ ٿي فالج، دل جي دوري ۽ موت جو سبب بڻجي سگھن ٿا.
اها تنبيهه اٽلي ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
Campania Luigi Vanvitelli يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته پلاسٽڪ جي گدلاڻ سان موتمار مرضن جو خطرو وڌي ٿو.
تحقيق موجب جن ماڻهن جي شريانين ۾ پلاسٽڪ جا ذرڙا گڏ ٿين ٿا انهن ۾ فالج، دل جي دوري يا ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو لڳ ڀڳ 5 ڀيرا وڌي وڃي ٿو.
تحقيق ۾ اهو ٺوس طور تي ته ثابت ناهي ٿيو ته پلاسٽڪ جا ذرڙا فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جو سبب بڻجن ٿا، پر جانورن ۽ انساني جيوگھرڙن (سيلز) تي ٿيل تحقيق ڪم مان اشارو ملي ٿو ته اهي پلاسٽڪ جا ذرڙا امڪاني طور تي اهو خطرو وڌائين ٿا.
اهو چوڻ جي ضرورت نه آهي زندگي ۾ پلاسٽڪ کان بچڻ ممڪن نه
آهي، ڇو جو اسان جي ڀرپاسي ۾ موجود گھڻيون شيون پلاسٽڪ مان ٺهيل آهن يا انهن تي پلاسٽڪ پيڪنگ هوندي آهي.
انهن شين مان پلاسٽڪ جا تمام ننڍڙا ذرڙا خارج ٿيندا آهن جيڪي غذا يا پاڻي جي ذريعي جسم جي اندر مختلف عضون تائين پهچي ويندا آهن.
هيل تائين پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙنکي انساني شريانين، دل ۽ ٻين حصن ۾ ڏٺو ويو آهي.
محققن ٻڌايو ته جيڪڏهن نتيجن جي تصديق ٿي وئي ته دل جي شريانين جي صحت تي ڊرامائي اثر پوندا ڇو جو پلاسٽڪ جي گدلاڻ جي آڏو اسان سڀ بي وس آهيون.
هنن چيو ته اسان جو اڪيلو بچاءُ رڳو اهو آهي ته پلاسٽڪ جي شين جو استعمال گھٽايون.
سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان ڪهڙي طرح پلاسٽڪ جي گدلاڻ جو خاتمو به ڪري ڇڏيون تڏهن به ڪيترن ئي سالن تائين صحت کي ڪو به فائدو نه ٿيندو.
ان تحقيق ۾ 304 ماڻهن جي شريانين مان چرٻي کي ڪڍي ان جو تجزيو ڪيو ويو هو.
ان مواد جي ليبارٽري ٽيسٽن ۾ انڪشاف ٿيو ته 150 مريضن جي نمونن ۾ polyethylene جڏهن ته 31 ۾ polyvinyl chloride نالي پلاسٽڪ جا ذرڙا موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.