لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهرئين ”اسپلٽ ليور ٽرانسپلانٽ“ جي ڪامياب آپريشن ذريعي 7 مريضن جون زندگيون تبديل ڪيون ويون، ٽرانسپلانٽ لاهور جي ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ۾ ڪيو ويو.
سي اي او پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر ڊاڪٽر فيصل سعود ڊار ٻڌايو ته راولپنڊي جو رهواسي دماغي طور مري ويو هو، جنهن جي عضون سان 7 ماڻهن جون زندگيون تبديل ڪيون ويون.
32 ورهين جي عزير بن ياسين جي عطيو ڪيل جگر کي ٻن حصن ۾ ورهائي هڪ ٻار ۽ جوان شخص ۾ ٽرانسپورٽ ڪيو ويو.
راولپنڊي ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ شخص جو جگر، لبلبو، گڙدا ۽ اکيون آچر جي رات ڪڍيون ويون هيون.
ڊاڪٽر سعود موجب جگر کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، جنهن مان اڌ حصو جوان شخص کي ۽ ٻيو حصو ننڍي عمر جي ٻار کي لڳايو ويو.
ڊونر عزير بن ياسين جي خواهش هئي ته سڀني عضون کي سندس موت کانپوءِ عطيو ڪيو وڃي، جيڪي راولپنڊي ۽ لاهور ۾ مجموعي طور تي 7 ڄڻن لاءِ فائديمند ٿيا.
ڊونر جون اکيون شفا آءِ ٽرسٽ اسپتال کي عطيو ڪيون ويون هيون، جتي ٻن مريضن کي اکيون عطيو ڪيون ويون، هوڏانهن ٻه ڪڊينز راولپنڊي ۾ ٻن مختلف مريضن کي لڳايون ويون.
You might also like