دنيا جو قديم ترين ٻيلو دريافت ڪيو ويو آهي جيڪو 39 ڪروڙ سال پراڻو آهي.
برطانيا جي علائقي سمر سيٽ ۾ پٿر بڻجي ويل ان ٻيلي کي دريافت ڪيو ويو جيڪو جبلن ۾ لڪيل هو.
ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ ڪارڊف يونيورسٽي جي ماهرن ان قديم ترين ٻيلي جا فوسل دريافت ڪيا.
ان کان اڳ قديم ترين ٻيلي جو اعزاز نيويارڪ وٽ هو پر برطانوي ٻيلو ان کان 40 لک سال پراڻو آهي.
ان تحقيق جي دوران جبلن جو جائزو ورتو ويو جيڪو 41 کان 35 ڪروڙ سال پراڻو آهي.
ٻيلي جي دريافت کان اڳ مڃيو ويندو هو ته انهن جبلن ۾ ڪنهن به قسم جو نباتاتي فوسل موجود نه آهي.
پر انهن جو جائزو وٺڻ دوران محققن کي وڻن جا آثار مليا جيڪي ڪروڙين سال پراڻا هئا.
تحقيق موجب موجودهه دور جي وڻن جي ابتڙ ان قديم ٻيلي جا وڻ ڪافي مختلف هئا.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته Calamophyton نالي اهي وڻ ڏسڻ ۾ موجودهه دور جي پام وڻن جهڙا هئا پر اهي وڌيڪ پنن وارا ۽ ننڍا هئا.
محققن موجب اهو ڪافي عجيب ٻيلو آهي ۽ اوهان موجودهه دور ۾ اهڙو ڪو به ٻيلو نه ڏٺو هوندو.