اٽلي وڃڻ جي شوقينن لاءِ سهولت

لاهور (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي سفارتخاني لاهور مان به ويزا سروس شروع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستاني ڪاروباري ماڻهو ۽ سياحت لاءِ ويندڙ اسلام آباد بدران لاهور مان به اپلاءِ ڪري سگهندا.

اٽلي جي سفارتخاني جي سيڪريٽري چيو آيه ته اٽلي ۽ پاڪستاسن وچ ۾ لاڳاپا ۽ ڪاروابر کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.

آگسٽو پالميري جو چوڻ هو ته لاهور ۾ ويزا سروسز کولڻ سان ڪاروباري برادري کي سهولت ملندي، پاڪستان اٽلي گڏيل واپار پنج ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو.

گڏيل واپار بهتر بڻائڻ ۾ گڏيل يادداشتون ۽ واپاري معاهدا اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

اٽلي پاڪستان سان گڏوگڏ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.