نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر گروگرام ۾ مائوٿ فريشنر کائڻ سان 5 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي کان پوءِ هو رت جون الٽيون ڪرڻ لڳا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پوليس ٻڌايو ته 5 مان 4 ڄڻن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
داخل ڪرايل ڪيس موجب گريٽر نوائيڊا جي رهواسي انڪيت ڪمار ٻڌايو ته هو پنهنجي زال ۽ 4 دوستن سان گڏ سيڪٽر 90 ۾ لافروسيٽا ڪيفي ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ڊنر تي ويو.
ڄاڻايل شخص ٻڌايو ته ڊنر ڪرڻ کان پوءِ ويٽر مائوٿ فريشنر آندو جنهن کي 5 ماڻهن کاڌو جنهن کان پوءِ سندن حالت خراب ٿيڻ شروع ٿي ۽ کين اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ متاثر ماڻهن مان هڪ ڊاڪٽر کي مائوٿ فريشنر ڏيکاريو جنهن تي ڊاڪٽر اها ڊراءِ آئيس آهي.
ڊاڪٽر چيوت ه اهو هڪ تيزاب هوندو آهي جنهن سان موت به ٿي سگھي ٿو جڏهن ته پوليس ريسٽورنٽ جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.