ڪراچي: رهائشي عمارت هيٺان دڪانن ۾ باهه لڳي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي رهائشي عمارت جي دڪانن کي باهه لڳي وئي، جنهن بعد سڄي شهر مان فائر ٽينڊرز طلب ڪيون ويون.
ايم اي جناح روڊ تي جامع ڪلاٿ بس اسٽاپ ڀرسان هڪ رهائشي عمارت جي هيٺان اقبال مارڪيٽ جي دڪانن ۾ باهه لڳي وئي.
فائر برگيڊ عملدارن موجب باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي شهر مان فائر ٽينڊرز کي طلب ڪيو ويو، باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ فوم، ريگزين ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.
پوليس موجب عمارت ۾ ترسيل ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي، ريسڪيو اهلڪار به واقعي واري هنڌ پهتا جن ڪارروائين ۾ حصو ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.