مائوٿ فريشنر سان 5 ڄڻن جي حالت خراب، رت جون الٽيون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر گروگرام ۾ مائوٿ فريشنر کائڻ سان 5 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي کان پوءِ هو رت جون الٽيون ڪرڻ لڳا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پوليس ٻڌايو ته 5 مان 4 ڄڻن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
داخل ڪرايل ڪيس موجب گريٽر نوائيڊا جي رهواسي انڪيت ڪمار ٻڌايو ته هو پنهنجي زال ۽ 4 دوستن سان گڏ سيڪٽر 90 ۾ لافروسيٽا ڪيفي ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ڊنر تي ويو.
ڄاڻايل شخص ٻڌايو ته ڊنر ڪرڻ کان پوءِ ويٽر مائوٿ فريشنر آندو جنهن کي 5 ماڻهن کاڌو جنهن کان پوءِ سندن حالت خراب ٿيڻ شروع ٿي ۽ کين اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ متاثر ماڻهن مان هڪ ڊاڪٽر کي مائوٿ فريشنر ڏيکاريو جنهن تي ڊاڪٽر اها ڊراءِ آئيس آهي.
ڊاڪٽر چيوت ه اهو هڪ تيزاب هوندو آهي جنهن سان موت به ٿي سگھي ٿو جڏهن ته پوليس ريسٽورنٽ جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.