اسلام آباد کي ٽانڊا ڏيندڙ عامر جمال ميدان تي ڇا سوچي رهيو هو؟

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي آل رائونڊر ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف شاندار بيٽنگ ڪندڙ عامر جمال چيو ته جڏهن وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچندو ته اوهان کُلي کيڏندا آهيو، اِهو ئي سوچيو هوته پنهنجي راند کيڏندس.
سومر ڏهاڙي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 20 هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ، پشاور زلمي کي 29 رنسن تان هارائي ڇڏيو.
اسلام آباد يونائيٽڊ پهريان کيڏندي چئن وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون.
197 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پشاور زلمي جو پنج وڪيٽون 18 رنسن تي ڪِري پيون، ان کانپوءِ عامر جمال ۽ والٽر و چ ۾ 106 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
عامر جمال 48 بالن تي ڇهن ڇڪن ۽ اٺ چوڪن جي مدد سان 87 رنسن جي اننگز کيڏي، والٽر 33 رنسون ٺاهيون.
اهڙي ريت پشاور زلمي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان 167 رنسون ٺاهي سگهي.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر جمال چيو ته اسلام آباد بهترين بالنگ ڪئي، جڏهن وڃائڻ لاءِ ڪهجهه ناهي هوندو ته اوهان کُلي کيڏندا آهيو، اِهو سوچيو ته پنهنجي راند کيڏندس، وڌ کان وڌ آئوٽ ئي ٿيندس.
عامر جمال چيو ته اسان کي ايڏي سوئنگ ۽ اسپين جي اميد نه هئي، اسان پاور پلي ۾ سٺو نه کيڏي سگهياسين، جيڪڏهن اسلام آباد به ٽاس کٽي ها ته بالنگ ئي ڪري ها.
هن وڌيڪ چيو ته تنقيد جي پرواهه ناهيان ڪندو، ان سان فرق ناهي پوندو ته ڪير ڇا چئي رهيو آهي، ڪوشش هوندي آهي ته جتي موقعو ملي ٽيم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيان، آل رائونڊر هر ميچ ۾ ففٽي ۽ پنج آئوٽ ناهي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.