حڪومت جو حصو ناهيون، رڳو آئيني عهدن لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهيون: شازيا مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته اسان حڪومت جو حصو نه آهيون، رڳو آئيني عهدن لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهيون.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته هن ملڪ کي معاشي ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، چونڊيل ميمبر حلف برداري جي تقريب جو انتظار ڪري رهيا هئا پر صدر آئيني ذميواري پوري نه ڪئي.
هن چيو ته آئين اسيمبلي کي يرغمال بڻائڻ کان روڪي ٿو، اسان سان جيڪو ڳالهائيندو اسان ان سان ڳالهائينداسين، قانون موجب اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي آهي پر اسپيڪر صاحب ميمبرن کي تقريرن جو موقعو ڏنو.
سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ گوڙ هو، اسان تقريرن کي نه ٻڌي سگهياسين، جڏهن تقريرون ڪير نه ٻڌي سگهي ته عوام کي ڳڻتي ٿيندي آهي، اليڪشن هڪ وڏو عمل هوندو آهي، جنهن کانپوءِ ميمبر حلف کڻڻ چاهيندا آهن، احتجاج سڀني جو حق آهي، احتجاج کان ڪنهن کي روڪڻ نه گهرجي، آئيني ۽ قانوني حدن ۾ رهندي احتجاج ڪرڻ گهرجي.
شازيا مري چيو ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ايف بي آر کي بهتر ڪيو وڃي، وزيراعظم پي آءِ اي بابت تجويز پيش ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي تجويزن تي عمل ڪن ها ته هي وقت نه اچي ها، ادارا وڪرو ڪرڻ مسئلن جو حل ناهي، جيڪڏهن وٽن ڪو ٻيو منصوبو آهي ته پ پ کي ٻڌائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.