ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ڀرسان حجامڙو وٽ سمنڊ ۾ مال بردار ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 50 مُهاڻا ٻڏي ويا جن کي بچايو ويو.
اطلاع تي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ مُهاڻن وقت پهچي وقت سر امدادي ڪارروائي ڪندي ٻڏي ويلن کي بچائي ورتو.
فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي سيڪيورٽي جي انچارج ناصر ٻڌايو ته ننڍي مڇي جي شڪار تي ابراهيم حيدري کان لانچ روانا ٿي ھئي، حادثو ٻيڙي جي ڪپتان جي غلط رخ ۾ ڄار اڇلڻ سبب پيش آيو.
هن ٻڌايو ته ريسڪيو ٽيمن 50 کان وڌيڪ مهاڻن کي حفاظت سان بچايو ويو آهي.
You might also like