اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جون عام چونڊون 3 اپريل تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي عام چونڊن جو شيڊيول تيار ڪري ورتو آهي، سينيٽ جي 48 سيٽن لاءِ پولنگ 3 اپريل تي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي.
3 اپريل تي سنڌ ۽ پنجاب مان 12-12، جڏهن ته اسلام آباد جي 2 سينيٽرز جي چونڊ ٿيندي، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان مان 11-11 نوان سينيٽرز چونڊيا ويندا.
سينيٽ جا 52 سينيٽرز 11 مارچ تي پنهنجو مدو پورو ڪري ريٽائرد ٿي ويندا، پنجاب ۽ سنڌ جا 12- 12، اڳوڻي فاٽا جا 4، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جا 11-11، جڏهن ته اسلام آباد جا 2 سينيٽرز مدو پورو ٿيڻ تي ايوان کي الوداع چوندا.
ياد رهي ته 25هين آئيني ترميم تحت اڳوڻي فاٽا جي 4 سينيٽ سيٽن تي ٻيهر چونڊ نه ٿيندي.
You might also like