ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس 17 ذريعي شهرت ماڻيندڙ ماڊل ۽ اداڪارا عائشه خان چيو آهي ته پاڪستاني ڊراما پاڪستان کان وڌيڪ ڀارت ڏٺا وڃن ٿا.
اداڪارا عائشه خان هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن کان پاڪستاني ڊرامن ۽ پاڪستاني ڪنٽينٽ جي حوالي سان سوال ڪيو ويو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
انٽرويو دوران اداڪارا چيو ته مون کي اقرار عزيز گھڻي پسند آهي، هوءَ تمام گھڻي خوبصورت آهي، جيڪڏهن مون کي پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته آئون ضرور ڪنديس.
اداڪارا چيو ته مون کي خبر آهي ته آئون مسلمان آهيان ۽ پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان پئي، ان ۾ ڪو به مسئلو نه آهي.
ميزبان عائشه سان مڪالمو ڪيو ته مودي پهريان هتي پوءِ اسان جي گھر اچي ويندو، پوءِ آئون اوهان جي ايڊريس ڏئي ڇڏيندس.
جنهن تي ماڊل جو چوڻ هو ته ڪا ڳالهه نه آهي، آئون ڇا غلط ڪري رهي آهيان؟ ڪم ڪرڻ جو ته چوان پئي، مون کي پاڪستان مواد تمام گھڻو پسند آهي، منهنجو خيال آهي ته پاڪستاني ڊراما پاڪستان ۾ ايترا ماڻهو نٿا ڏسن جيترا ڀارت ۾ ڏسن ٿا.
اداڪارا چيو ته اسان پاڪستاني ڊرامن کي تمام گھڻو پيار ڏنو آهي.
You might also like