پي ايس ايل 9 : شين واٽسن کي ڪهڙن پاڪستاني ڪرڪيٽرن متاثر ڪيو؟

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي هيڊ ڪوچ شين واٽسن چيو آهي ته ڪوچ طور ٽيم جي ڪارڪردگي مان گهڻو مطمئن ۽ خوش آهيان، ڪوشش آهي ته رانديگرن کي اهڙو ماحول ڏيان جنهن سان هو بهتر محسوس ڪن.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شين واٽسن چيو ته ٽورنامينٽ ۾ پليئرز پنهنجي بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪراچي خلاف ردرفورڊ شاندار اننگز کيڏي هئي.
هن چيو ته رانديگر جي ڀيٽ ۾ ڪوچنگ دٻاءُ وارو ڪم آهي، جنهن کي انجواءِ ڪري رهيو آهيان، ڪوئيٽا جي ڪوچنگ ڪرڻ اعزاز سمجهان ٿو، ڪوچ طور اِهو ئي ماحول ڏئي رهيو آهيان جيڪو رانديگر طور چاهيندو هئس.
سندس چوڻ هوته سعود شڪيل باصلاحيت ڪرڪيٽر آهي، هو هر قسم جي بالنگ کي اطمينان سان کيڏي سگهي ٿو، يقين آهي ته سعود اوپنر طور وڌيڪ بهترين اننگز کيڏندو، جيسن راءِ سان سندس اوپننگ هڪ ڪارائتو جوڙ آهي.
هن چيو ته خواجا نافع جو بال کي هٽ ڪرڻ وارو انداز ٻين پليئرز کان مختلف آهي، سندس شاٽ جي قوت ۽ بيٽ جي اسپيڊ ساراهه جوڳي آهي.
شين واٽسن چيو ته رانديگرن کي اِهو ئي پيغام ڏيندو آهيان ته هو پنهنجي صلاحيتن تي پورو يقين ڪن، ڪرڪيٽ فيلڊ تي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته ناڪامي جو ڊپ ختم ڪيو وڃي، هڪ پليئر تڏهن ئي ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن ته هو بنا ڊپ جي کيڏندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سپر ليگ نوَ ورهين دوران گهڻي ترقي ڪئي آهي، پاڪستان ۾ بالنگ جو ٽيلينٽ سدائين رهيو آهي، اڄڪلهه پاڪستان مان پاور هٽر سامهون اچي رهيا آهن، پرڏيهي ڪرڪيٽر به پي ايس ايل مان لطف اندوز ٿيندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.