جهاز کان تيز هلندڙ ٽرين جو منصوبو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڇا ڪا ٽرين اوهان کي پنهنجي منزل تي ڪنهن جهاز کان اڳ پهچائي سگھي ٿي؟
هن وقت ائين ممڪن نه آهي پر مستقبل ۾ ضرور ائين ٿيڻ پيو وڃي ڇو جو چين ۾ اهڙي ٽرين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا مستقبل ۾ جهازن کان تيزيءَ سان سفر ڪري سگھندي.
اها ٽرين اڃا ته عام مسافرن لاءِ پيش نه پئي ڪئي وڃي پر ان جي آزمائش دوران چين تيز ترين ٽرين جي تياري جو اعزاز ضرور پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ٽي فلائيٽ نالي ان ٽرين ننڍي ٽريڪ تي 387 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري اهو اعزاز چين جي نالي ڪيو.
هن وقت جپان جي ايم ايل ايس ماگليو کي دنيا جي تيز ترين ٽرين قرار ڏنو پيو وڃي جيڪا 361 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي.
پر چيني ماهرن کي اميد آهي ته هنن پاران تيار ڪيل ٽرين جڏهن ڪمرشل بنيادن تي ڪم ڪندي ته ان جي رفتار 1243 ميل في ڪلاڪ هوندي، يعني آواز جي رفتار کان به وڌيڪ، جڏهن ته بوئنگ 737 جهاز کان ان جي رفتار ٻيڻي هوندي.
ان رفتار سان اها ٽرين لاهور کان ڪراچي جو سفر رڳو 30 کان 40 منٽن ۾ طئي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.