محسن نقوي جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين طور مقرري عدالت ۾ چئلينج ڪئي وئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست تي ٻڌڻي دوران وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان ڇو چئي رهيا آهيو ته مقرري غلط ٿي؟
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آئين موجب چونڊيل ۽ نگران وزيراعظم ۾ فرق آهي، نگران وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو پيٽرن نٿو ٿي سگهي، مقرري جو اختيار پيٽرن طور وزيراعظم وٽ آهي.
چيف جسٽس چيو توهان چئي رهيا آهيو ته نگران وزيراعظم وٽ اهو اختيار نه هو.
ٻڌڻي دوران آرڊر لکرائڻ وقت درخواستگذار جي وڪيل جي ڳالهائڻ تي چيف جسٽس عامر فاروق ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان آرڊر لکرائڻ دوران ڳالهائي رهيا آهيو ته مان نه لکندس، منهنجي آرڊر جو انتظار ڪيو.
پوءِ چيف جسٽس درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.