ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي آئمه بيگ نئون گلوڪارا نهال نسيم بابت وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي.
اداڪارا هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان آئمه بيگ کان سوال ڪيو ته اڄ ڪلهه ميوزڪ ۾ اوور ريٽڊ ڪير آهي؟ جنهن تي گلوڪارا چيو ته ڇوڪرين ۾ اور ريٽڊ ته ڪو آهي ئي ڪو نه سڀ انڊر ريٽڊ آهن پر ان دوران آئمه بيگ فبيها، نرمله ۽ نهال جو نالو ورتو.
هن چيو ته مون کي هڪ ڇوڪريءَ تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي سندس نالو نهال آهي، مون کي ياد آهي ته هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعا ڪيئن ڪئي ۽ هوءَ مون جيان ڳائيندي آهي.
هن چيو ته اها مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته ڪو مون کي ڪاپي ڪري ٿو ۽ گلوڪارا نهال نسيم مٿي کان وٺي پيرن تائين منهنجو نقل ڪندي آهي.
You might also like