ٽئي ڀائر پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ چاهيون ٿا: حنين شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽڊ جي فاسٽ بالر ۽ نسيم شاهه ۽ عبيد شاهه جي ڀاءَ حنين شاهه چيو آهي ته اسان ٽنهي ڀائرن جي خواهش پاڪستان لاءِ کيڏڻ آهي.
سومر ڏهاڙي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 20 هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ، پشاور زلمي کي 29 رنسن تان شڪست ڏني.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اسلام آباد يونائيٽڊ جي فاسٽ بالر حنين شاهه چيو ته هميشه اِها ئي ڪوشش هوندي آهي تي سٺي جاءِ تي بال ڪيان، نسيم شاهه ٻڌايو ته لينٿ تي هٽ ڪندس ته فائدو ٿيندو.
هن چيو ته عبدالرزاق سينٽرل پنجاب طرفان کيڏايو ۽ گهڻي سپورٽ ڪئي، اسان ٽيم ۾ ٽئي پروفيشنلز آهيون،ٽئي ڀائر پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.