ايپل جا 2 نوان ليپ ٽاپ متعارف

ايپل نئين ايم 3 چپ سان ليس 2 ميڪ بُڪ ايئر ليپ ٽاپ متعارف ڪرائي ڇڏيا.
ايپل پاران ايم 3 چپ کي آڪٽوبر 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ سڀ کان اڳ ان کي آءِ ميڪ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ميڪ بل پرو ليپ ٽاپس ۾ استعمال ڪيو ويو هو.
هاڻي اها نئين چپ ميڪ بڪ ايئر ليپ ٽاپس ۾ استعمال ڪئي وئي آهي.
ايپل موجب 13 ۽ 15 انچن جي ڊسپلي وارن نون ميڪ بڪ ايئر ليپ ٽاپس ۾ 1080p ويب ڪيم، تيز واءِ فاءِ نيٽورڪ سپورٽ ۽ 18 ڪلاڪ بيٽري لائيف جهڙا فيچرز موجود آهن.
ٻنهي ليپ ٽاپس جي ڊزائين پراڻن ماڊلز جهڙي ئي آهي پر نئين ايم 3 چپ جي ڪري واهپيدارن انهن سان وڌيڪ 2 ڊسپلي سلهاڙي سگھن ٿا.
ڪمپني انهن ڊوائيسز کي آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ليس دنيا جا بهترين ليپ ٽاپس قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.