آءِ ايم ايف جو مطالبو، سرڪاري ملازمن جي پينشن لاءِ نئين رضاڪاراڻي اسڪيم تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي مطالبي کي سامهون رکندي وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پينشن جو وڏو بار ختم ڪرڻ لاءِ نئين رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم تيار ڪري ورتي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئين پينشن اسڪيم سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن تيار ڪئي آهي، جنهن تحت نون سرڪاري ملازمن کي حڪومتي پينشن بدران رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم ڏني ويندي، وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي رضامندي سان انهن کي نئين اسڪيم ۾ منتقل ڪري سگهي ٿي.
ايس اي سي پي سرڪاري ۽ نجي شعبي ٻنهي ۾ نئين اسڪيم لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، نجي شعبو هن وقت ملازمن کي پراويڊنٽ فنڊ يا گريجوٽي جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي.
ايس اي سي پي جي تجويز آهي ته نجي شعبو ملازمن کي رڳو رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم ڏئي، ان اسڪيم تحت ملازمت جي تبديلي جي صورت ۾ به ملازمن جي پينشن سهولت جاري رهندي.
ان وقت ملڪ ۾ 43 پينشن فنڊ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن فنڊن ۾ 61 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي.
خيبر پختونخواهه حڪومت سڀ کان پهريان ٻه سال اڳ پينشن فنڊن ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ هن وقت صوبائي حڪومت جي ملازمن جا 21 پينشن فنڊ ڪم ڪري رهيا آهن، پنجاب حڪومت به ملازمن لاءِ رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم شروع ڪرڻ واري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.