مريم نواز جو وزيراعليٰ بڻجڻ پاڪستان جِي سياست لاءِ پيڙھه جو پٿر آهي: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ )آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هنن جو ڌيان پاڪستان جَي نئين وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس حڪومت سان گڏ گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ تي آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته مريم نواز جو وزيراعليٰ پنجاب بڻجڻ پاڪستان جِي سياست لاءِ پيڙھه جو پٿر آهي.
هن چيو ته پاڪستان سان پراڻي حصيداري آهي، آمريڪا پاڪستان سان اتحاد کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.
سندس چوڻ هو ته خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان ٻنهي ملڪن جي مفاد لاءِ اهم آهي عورتن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ جا منتظر آهيون.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪ-آمريڪا ويمن ڪائونسل، سول سوسائٽي ۽ ٻين ادارن سان سهڪار جاري آهي، عورتن جي حوالي سان اهڙن اهم فيصلن سان سدائين خوشي ٿيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.