وزيراعظم شهباز شريف گوادر پهتو، برسات متاثرن لاءِ مالي امداد جو اعلان

گوادر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ برسات دوران حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گوادر پهتو، جتي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻين شخصيتن سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته ان دوران انتظاميا گودار ۾ برساتن سان ٿيندڙ تباهي تي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم اختيارين ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته برسات متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ گڏيل پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، مان هتي مدد لاءِ آيو آهيان، نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي.
هن چيو ته هي متاثرن تي ٿورو ناهي، مصيبت وقت پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيهڻ گهرجي، وڏي وزير جي سربراهي ۾ نقصانن جي ضابطي ۽ قانون تحت ادائيگي ڪئي وڃي.
وزيراعظم اعلان ڪيو ته جن جا گهر مڪمل طور تباهه ٿيا، انهن کي 7 لک 50 هزار رپيا ڏنا ويندا، جن جي گهرن کي جزوي نقصان پهتو، انهن کي ساڍا 3 لک رپيا ڏنا ويندا، فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20-20 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته زخمين کي 5-5 لک ملندا، 4 ڏينهن ۾ متاثرن کي رقم فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.