وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ بلاول جي سربراهي ۾ پ پ وفد جي ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي.
پيپلزپارٽي جي وفد ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه به شامل هو، وفد شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
آصف علي زرداري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پيپلزپارٽي معاشي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل رهندي.
نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو سڀني جو ٿورائتو آهي جن ملڪ جي خدمت لاءِ کيس ٻيهر موقعو ڏنو، جڏهن ته هن ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اعتماد تي به ٿورا مڃيا.
وزيراعظم شهباز شريف به ملاقات دوران وفد کي خاطري ڪرائي ته هو خدا جي ڪرم ۽ محنت سان ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب اڳوڻو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.