ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پارٽي اڳواڻ ڄام ساقي جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري مرحوم جي ڇهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مزدورن جي حقن لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ طبقاتي استحصال جي مزاحمت ڄام ساقي جي لازوال ميراث آهي.
پ پ چيئرمين موجب ڄام ساقي ضيا جي آمرييت واري دور ۾ قيد برداشت ڪيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ٿي ڄام ساقي جي حق ۾ گواهي ڏني هئي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو گواهي ڏني هئي ته ڄام ساقي خلاف ڪيس بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي داخل ڪيو ويو آهي.
ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهتر نمونو سندس برابري، انصاف ۽ پورهيت طبقي کي بااختيار بڻائڻ واري سوچ تي عمل ڪرڻ آهي.
ڄام ساقي جي ميراث هاڻوڪين حالتن مان نڪرڻ ۽ مستقبل ٺاهڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿي جتي هر شهري جي حقن ۽ وقار جي پاسداري ٿيندي…
* آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هنن جو ڌيان پاڪستان جَي نئين وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس حڪومت سان گڏ گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ تي آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته مريم نواز جو وزيراعليٰ پنجاب بڻجڻ پاڪستان جِي سياست لاءِ پيڙھ جو پٿر آهي.
هن چيو ته پاڪستان سان پراڻي حصيداري آهي، آمريڪا پاڪستان سان اتحاد کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.
سندس چوڻ هو ته خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان ٻنهي ملڪن جي مفاد لاءِ اهم آهيم عورتن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ جا منتظر آهيون.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪ-آمريڪا ويمن ڪائونسل، سول سوسائٽي ۽ ٻين ادارن سان سهڪار جاري آهي، عورتن جي حوالي سان اهڙن اهم فيصلن سان سدائين خوشي ٿيندي آهي.
You might also like