گيلاني جي سينيٽ واپسي،اسٽيبلشمينٽ جو آصف زرداري کي سخت پيغام؟

لاهور/اسلام آباد(معظم فخر+عوامي آواز نيوز) ٽي وي تي هلندڙ ٽِڪر کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي سخت پيغام؟ ٽي وي تي هلندڙ خبر پ پ جي اسٽيبلشمينٽ سان هلندڙ مفاهمت کي ڊسٽرب ڪري ڇڏيو هو،صحافي معظم فخر جي وي لاگ موجب بلاول ۽ آصف علي زرداري جي ويجهو رهندڙ هڪ ٽي وي چئنل جي رپورٽر ذريعي خبر هلرائي وئي ته يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي سينيٽ جي چونڊ ۾ حصو وٺندو،ان جو مطلب اهو ورتو ويو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين لاءِ پ پ طرفان اميدوار هوندو، اها خبر هلڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ عمل دوران آصف علي زرداري ايوان ۾ گهٽ مسڪرائيندي نظر آيو، هو گهڻو تڻو بلاول ڀٽو سان ڳالهائيندي نظر آيو، ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ پاران آصف علي زرداري کي پيغام موڪليو ويو هو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻايو ويندو، جنهن تي آصف زرداري راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو هو، جڏهن آصف زرداري کي لڳو ته هاڻي ته نوازشريف به آئوٽ ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو سخت مخالف محمود اچڪزئي صدارتي اميدوار بيٺل آهي ته کيس لڳو ته هاڻي هن جي صدارت لاءِ ميدان صاف ٿي چڪو آهي ان پس منظر ۾ هن يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ ۾ واپسي وارو ڪارڊ ظاهر ڪيو جنهن جو نتيجو هن جي خواهشن ۽ اميدن جي ابتڙ نڪري پيو آهي،ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان وزيراعظم جي چونڊ دوران ايوان جو حصو رهڻ بدران ڪراچي ۾ جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ان ۾ آصف علي زرداري لاءِ وڏو پيغام آهي،فضل الرحمان خواهش ڏيکاري ته مان محمود خان اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر پارٽي جو فيصلو واجب آهي،صدارتي چونڊ ۾ وفاداري تبديل ڪرڻ جو قانون لاڳو نٿو ٿئي، آصف زرداري کي چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان جيڪو واعدو  ڪيو ويو آهي ان کي پورو ڪرڻو پوندو ڪٿي ائين نه ٿئي ته صدر ٿيڻ رڳو خواب ئي رهجي وڃي،جڏهن ته سينيٽ چيئرمين لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي متوقع اميدوار انوارالحق ڪاڪڙ کي منسٽر انڪليو ۾ 15 نمبر بنگلو الاٽ ڪيو ويو آهي،هو اتي منتقل ٿي چڪو آهي،کيس اسٽاف ۽ بلٽ پروف گاڏي به ڏني وئي آهي،انوارالحق ڪاڪڙ سسٽم کان ٻاهر آئوٽ ناهي ٿيو ،کيس ملندڙ پروٽوڪول چونڊيل وزيراعظم جيترو آهي جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن اڳوڻي نگران وزيراعظم کي ناهي مليو.

نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 04 مارچ 2024 تي شايع ٿي 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.