اسلام آباد(م ڊ)پ پ سينيٽر بهرام تنگي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پابندي جي قرارداد سينيٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.4 مارچ تي سينيٽ جي اجلاس لاءِ جمع ڪرايل قرارداد ايجنڊا ۾ شامل هئي.سينيٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ ايڪس تي پابندي جي درخواست ڪئي وئي آهي.بهرام خان تنگي ٺهراءُ ۾ موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جا ملڪ جي نوجوانن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم اسان جي مذهب ۽ ثقافت خلاف اصولن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي مذهب ۽ ٻولي جي بنياد تي ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ مفاد پرست ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري مختلف معاملن تي غلط خبرون پکيڙي رهيا آهن.هن چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پاڪستان فوج خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ذريعي ملڪي مفادن خلاف استعمال ٿيڻ تي خدشا آهن ۽ اهي پليٽ فارم جعلي قيادت جو پرچار ڪري نوجوان نسل کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.بهرام تنگي چيو ته سينيٽ حڪومت پاڪستان کي سفارش ڪري ٿي ته فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، ايڪس ۽ يوٽيوب تي پابندي لڳائي وڃي ۽ نوجوان نسل کي ان جي ناڪاري ۽ تباهي واري اثرن کان بچايو وڃي.
-
پ پ جي سينيٽر بهرا مند تنگي کان لاتعلقي
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سوشل ميڊيا تي پابندي بابت سينيٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد تي لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.پ پ پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري چيو آهي ته سينيٽر بهرام تنگي جي سينيٽ ۾ پيش ڪيل قرارداد سان پيپلز پارٽي جو ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي سينيٽر بهرام تنگي جو پ پ سان ڪو به تعلق آهي.هن چيو ته سينيٽر بهرام تنگي کي پارٽي پاليسي کان انحراف ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو هو، جنهن جو هو جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن بعد پ پ چارسده جي صدر سينيٽر بهرام تنگي جي بنيادي رڪنيت رد ڪري ڇڏي.نيئر بخاري چيو ته سينيٽر بهرام تنگي 11 مارچ تي سينيٽ تان رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ سندس پ پ جي بنيادي رڪنيت به ختم ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري هو پيپلز پارٽي جو نالو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن.