عمران خان ماضي ۾ محمود اچڪزئي جو سخت ترين مخالف رهيو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پنهنجي يوٽرن لاءِ مشهور آهي. محمود خان اچڪزئي جي خلاف ڳالهائڻ بعد يوٽرن وٺي کيس صدارتي چونڊ لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي. صدارتي چونڊن جي  حوالي سان پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد پاران محمود خان اچڪزئي جو نالو پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته مسلم ليگ ن، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي پاران آصف زرداري کي نامزد ڪيو ويو آهي. سينيٽ ۾ ڏهه سيٽون خالي هجڻ ڪري آصف زرداري کي ڳڻتي آهي ڇاڪاڻ ته 9 مارچ تي سينيٽ جي چونڊ ڪرائڻ جو طئي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي يوٽرن ماڻهن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪيترائي يو ٽرن ورتا جنهن مان هڪ ۾ شيخ رشيد خلاف سخت لفظ ڳالهائڻ کان پوءِ کيس ڪابينا ۾ شامل  ڪرڻ آهي، تازو ذريعن موجب مولانا فضل الرحمٰن سان عمران خان رابطن جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي سندس پيرين پوڻ لاءِ به تيار آهي جڏهن ته ماضي ۾ کيس ”ڊيزل، ڊيزل“ ڪري ڪوٺيندو هو. ساڳي ريت ميپ جي سربراهه محمود اچڪزئي تي ٺٺول جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل آهن جنهن ۾ عمران خان سندس نقل ڪندي چئي ٿو ته عورتن جيان چادر اوڙهي ٿو ۽ سندس پارٽي اڳواڻن پاران به کيس گاريون ڏنيون ويون ان باوجود هاڻي پارليامنٽ ۾ محمود اچڪزئي عمران خان سميت 9 مئي تي قيد ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڳالهه ڪئي جنهن تي پي ٽي آءِ جي ماڻهن کيس ساراهيو ۽ عمران خان پاران به کيس صدارتي چونڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. عمران خان پنهنجي پارٽي اندر ڪنهن کي به اڳواڻي جي قابل نٿو سمجهي ان لاءِ صدارتي چونڊ لاءِ به ٻاهرين ماڻهو کي نامزد ڪيو ۽ پنهنجي پارٽي جي اڳواڻي لاءِ ايوب خان جي پوٽي عمرايوب کي چيئرمين ڪيو. واضح رهي محمود خان اچڪزئي جي چونڊجڻ جا چانس گهٽ آهن، آصف زرداري چونڊجي کٽي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.