ڪي پي جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپورحلف کڻي ورتو

پشاور( م ڊ) ڪي پي جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس پشاور  ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بابر اعواڻ، اعظم سواتي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.حلف برداري تقريب دوران ڪارڪنن جو وڏو انگ به گورنر هائوس پهچي ويو، جنهن دوران برسات جاري رهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پوليس سان چڪريون ٿي ويون، ڪارڪنن مهمانن جي ڪرسين تي قبضو ڪري ورتو، اسيمبلي ميمبرن جي سيٽن تي به ڪارڪن ويٺا رهيا. . اسٽيج تان آيل مهمانن جون ڪرسيون خالي ڪرڻ لاءِ بار بار اپيلون ڪيون ويون، پر ڪارڪنن ان تي ڌيان نه ڏنو، جنهن تي نون چونڊيل ميمبرن اٿي بيهي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.