ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)چونڊن ۾ ڌانڌلين توڙي مينڊيٽ جي چوري ۽ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو پُرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين سميت هٿين خالي ڪارڪنن تي بدترين تشدد ۽ گرفتارين خلاف اعلانيل ڪارو ڏينهن ۽ احتجاج جي سڏ تي ڪالهه جماعت اسلامي جي ڊي، جي يو آءِ سان گڏجي ڪري ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته آفيسن توڙي تنظيمي دفترن مٿان ڪارا جهنڊا لڳايا ڳيا. مظاهرن ۾ شريڪ ڪارڪنن ڌانڌلين خلاف سخت نعري بازي ڪئي. خيرپور ۾ رٿيل مظاهري کي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪيون ويون، چيف اليڪشن ڪمشنر سميت چئني صوبن جا اليڪشن ڪمشنر به استعفائون ڏين. ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو ته پنهنجا نمائندا منتخب ڪرڻ واري حق تي به اسٽيبلشمنٽ، آراوز ۽ اليڪشن ڪميشن ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي. بدين ۾ پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ امير آزاد پنهور ۽جماعت اسلامي جوضلعي امير سيد علي مردان شاهه جي يو آئي اسماعيل خاصخيلي خطاب ڪندي چيو آهي ته بدترين ڌانڌلي ذريعي ملڪ کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪيو پيو وڃي. نواب شاه ۾ احتجاجي مظاهري کي ضلعي امير سُرور احمد قريشي، لاڙڪاڻي ۾ رميزراجا شيخ،شهدادپور ۾ مقامي امير آصف محمود قريشي، ميهڙ ۾ جي آءِ يوٿ صدر صدام ڏيرو، ٽنڊوآدم ڪوثر مسجد تي ضلعي امير عبدالغفور انصاري، مشتاق احمد عادل ۽ مقامي امير عبدالستار انصاري، ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو مقامي امير حاجي نور الاھي مغل، ٺٽي ۾ عبدالله آدم گندرو ، سنجھورو ۾ مقامي امير ڊاڪٽر سھيل ھنجرا احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪيو.#