سنڌ جو انفرا اسٽڪچر تباهه ٿي ويو آهي، ادارا صحيح ڪم نه پيا ڪن:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهڻ گهرن، تعليمدانن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي روئڻ کان ٻاهر ڪڍي شعور طرف آڻڻو آهي، هاڻي ماڻهو اجتماعي ترقي بدران ذاتي مفادن لاءِ ڪم پيا ڪن ان کي سڌارو نه پيو اچي، مقررن اهڙن  خيالن جو اظهار ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ دي انٽيليڪچوئل فورم جي آجياڻي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو، پروگرام کي اسڪالا جي خير محمد ڪولاچي، مبشر ملڪ، ڊاڪٽر شھزاد قريشي،پروفيسر اعجاز قريشي. ايڊووڪيٽ مسعود نوراني،غلام اڪبر ملڪ،اي بي لاشاري، اشرف علي کھاوڙ، بلوچ اسلم، عبدالرحيم سومر، پروين ناريجو ۽  خالده سومرو خطاب ڪيو، مقررن جو چوڻ هو ته سنڌ جو انفرا اسٽڪچر تباهه ٿي ويو آهي، صوبي ۾ ادارا صحيح ڪم نه پيا ڪن، معاشري ۾ تبديلي آڻڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، هنن چيو ته  پاڪستان کان ٻاهر ڪم ڪندڙ ساڃاهه وندن جي تنظيمن کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي ها اهو نه ڪري سگهيون آهن، انهن تنظيمن جو مثبت نتيجو نه ملي سگهيو آهي. هنن چيو ته  سنڌ جا ماڻهو به هاڻي گهڻا مفاد پرست ٿي ويا آهن، اهي صرف ۽ صرف پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪم پيا ڪن،  سياست تي ڳالهائڻ بدران پاڻ کي پنهنجي محنت سان اڳتي وڌڻ گهرجي، هنن چيو ته سنڌ ۾ رڳو شام غريبان نه پڙهي وڃي، رڳو سنڌ سنڌ ڪرڻ بدران شعور کي اجاگر ڪري مڊل ڪلاس کي اڳتي آندو وڃي، باقي ته سنڌ جا حڪمران ته پاڻ ئي روئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسڪالا جي ڪيل خدمتن بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا، جيئن عوام وڌ کان وڌ خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي، غلط ريتن رسمن مان نڪري اسان کي هڪٻئي کي برداشت ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.