ڪراچي(م ڊ)نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر وزيراعليٰ هائوس خالي ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب نگران وڏو وزير پنهنجي رهائش گاهه پي اي سي ايڇ ايس منتقل ٿي ويو آهي، مقبول باقر جو ذاتي سامان گذريل ڏينهن ئي سندس منتقل ڪيو ويو هو، مقبول باقر جا گهر ڀاتي وزيراعليٰ هائوس منتقل نه ٿيا هئا، جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 17 آگسٽ 2023ع سنڌ جي نگران وڏي وزير جي حيثيت سان عهدو سنڀاليو هو،مقبول باقر اٽڪل 6 مهينن تائين صوبي جو وڏو وزير رهيو.