ملڪ ۾ هلندڙ شطرنج جي راند هاڻي بند ٿيڻ گهرجي:سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته چونڊ نتيجا ووٽن جي ڳڻپ جي بنياد تي نه پر رياضياتي فارمولين تي ٻڌل آهن،  جمهوريت تي يقين رکندڙ سياسي پارٽين کي جمهوريت ۽ آئين جي تحفظ لاءِ فيصلو ڪندڙ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پوءِ قوم سان مذاق ڪرڻ ۽ اربين رپيا ضايع ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ان فراڊ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ سمورا آئيني ۽ جمهوري طريقا اختيار ڪنداسين، منصوره ۾ عهديدارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌانڌلي جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومت ڪڏهن به عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهندي، ادارن قوم جو اعتماد مجروح ڪيو آهي، ڪرپشن ۾ مبتلا ماڻهن کي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ شطرنج جي راند هاڻي بند ٿيڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.