مريم نواز پاران صوبي ۾ سياسي ڀرتيون روڪڻ جو حڪم

لاهور  (م ڊِ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مالياتي معاملن ۾ شفافيت تي سوديبازي نه ٿيندي، احتساب، شفافيت، ڪوالٽي ورڪ ۽ ٽائم ورڪ ريڊ  لائن آهن. مريم نواز جي صدارت هيٺ دربار هال سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مريم نواز چيو ته ميرٽ جي ڀڃڪڙي نه ڪنديس نه ٿيڻ ڏينديس، ڪا سياسي ڀرتي نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، اسٽرڪچرل ريفارمز ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.