آصف زرداري بلوچستان جي معاملن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪوئيٽا(رپورٽ:يار محمد بروهي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي معاملن لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ذريعن موجب  آصف زرداري پران جوڙيل ڪميٽي  ۾ ثناالله زهري، سرفراز بگٽي، چنگيز جمالي ۽ علي حسن زهري شامل آهن،ٻئي آصف زرداري سان اي اين پي جي نئين چونڊيل بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر زمرڪ خان ملاقات ڪئي، ان دوران اي اين پي جو سينيٽر عمر فاروق ۽ اڳوڻو سينيٽر داد خان به موجود هو. ملاقات ۾ اي اين پي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ۽ سينيٽر صدر لاءِ آصف زرداري جي حمايت جو اعلان ڪيو،آصف زرداري سان چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي به ملاقات ٿي، جنهن دوران سينيٽ اليڪشن، صدارتي اليڪشن ۽ بلوچستان ۾ حڪومت سازي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.