عوام ۾ چونڊن تي مايوسي آهي، حڪومت هلائڻ ڏکيو هوندو: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام ۾ چونڊن تي مايوسي آهي، حڪومت هلائڻ ڏکيو هوندو، حالتن  جي گهرج آهي ته مڙني پارٽين کي گڏائي قومي حڪومت ٺاهي وڃي، هڪ انٽريو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج  اهو آهي ته ڇا چونڊون شفاف ٿيون، عوام مطمئن ٿيندو، هن چيو ته معاملا ائين آهن جو سڀ گڏ  به ٿي وڃن ته به ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، سپورٽ ڪندڙ به حڪومت ۾ نه پيا ويهن، معاملا ڪيئن هلندا سياستدان ملڪي مفاد سامهو رکن ته آپشن سامهون  اچي ويندا،  شاهد خاقان عباسي  چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آءِ ايف ايف کي خط لکڻ نه گهرجي ها، هيءَ ملڪ سان دشمني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.