اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي حصي جون مخصوص سيٽون پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڏنيون وڃن، اليڪشن ڪميشن ۾ سني اتحاد ڪائونسل خلاف داخل ڪرايل 6 درخواستن تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل علي ظفر چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ اسان جون سيٽون وٺڻ چاهين ٿيون ته سامهون اچن . پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن کي چئلينج ڪيو آهي، اسان روڪيل مخصوص سيٽون پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ کي ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. نون ليگ جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل آخري تاريخ تائين اليڪشن ڪميشن ۾ مخصوص سيٽن لاءِ ڪا فهرست ئي جمع نه ڪرائي، جڏهن فهرست ئي جمع نه ڪرائي ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڪيئن ٿيون ڏئي سگهجن؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن هن معاملي تي سمورين ڌرين کي ٻڌندي، علي ظفر چيو ته قانون، آئين ۽ انصاف موجب مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته نون ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي درخواست آهي ته اهي مخصوص سيٽون هنن ۾ ورهايون وڃن. علي ظفر چيو ته مون کي درخواستن جون ڪاپيون ڏيو سڀاڻي مان انهن تي دليل ڏيندس، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.