اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب صدارت لاءِ خواهشمند اميدوار اڄ کان ئي نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهن ٿا، 2 مارچ تي ڏينهن جو 12 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا. آئين تحت صدر جي چونڊ عام چونڊن کانپوءِ 30 ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي آهي، آرٽيڪل 91 ۽ 130 تحت سمورين اسيمبلين جي پهرين ويهڪ چونڊن جي 21 ڏينهن اندر ٿيڻي آهي . اليڪشن ڪميشن موجب 29 فيبروري 2024 تي سموريون اسيمبليون وجود ۾ اچي وينديون، اهڙي طرح صدر جي چونڊ لاءِ گهربل اليڪٽورل ڪاليج جي تڪميل ٿي ويندي