لڳي ٿو ته ڀٽو ڪيس جي ججن جو ٽرائل ٿي رهيو آهي: احمد رضا قصوري

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ڀٽو ڪيس جو مدعي ۽ وڪيل احمد رضا قصوري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته جن ججن ڀٽو ڪيس جو فيصلو ڏنو انهن کي ٽرائل ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي معاون منظور ملڪ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڀٽو ڪيس ۾ قانوني عمل جي واضح ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جوابدارن تي فرد جرم به الڳ لڳايو ويو، ان اصول کي نظرانداز ڪيو ويو. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ جوابدار هوندا ته فرد جرم هڪ ئي ٿيندي. ٻڌڻي دوران ڀٽو ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل احمد رضا قصوري روسٽرم تي اچي چيو ته لڳي ٿو ته ڀٽو ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن کي ٽرائل ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته صاف ظاهر آهي ته اسان ڪنهن کي به ٽرائل نه ڪري رهيا آهيون، صدارتي ريفرنس کي آئين تحت ٻڌي رهيا آهيون، ڪارروائي لائيو نشر ٿي رهي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.