پ پ ڪارڪن جو قتل ثابت، شڪيل بنارسي کي 2 ڀيرا موت جي سزا

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 سال اڳ قتل ٿيل پ پ ڪارڪن اعجاز عرف مشڪا جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت  ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سياسي پارٽي جي ڪارڪن شڪيل عرف بنارسي کي 2 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت 5 جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو۔ آزاد ٿيل جوابدارن ۾ افسر زيدي، ذوالفقار، عادل پگلا ۽ ڪاشف شامل آهن۔پراسيڪيوشن چيو ته مقتول اعجاز عرف مشڪا 20 ڊسمبر 2012ع تي اورنگي ٽائون ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺو هو ته  جوابدار ٻن موٽرسائيڪلن تي آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هو قتل ٿي ويو، جوابدار شڪيل عرف بنارسي کي 2015ع ۾ نائن زيرو تان گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار شڪيل عرف بنارسي جاچ دوران ٻين جوابدارن جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو،.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.