پني عاقل جي ڪچي ۾ زميني تڪرار 7 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 7 ڄڻا زخمي

سکر/ پنوعاقل/ لکي غلام شاهه (رپورٽ: آزاد مهر، رستم انڍڙ، نديم جان مهر) لکي غلام شاهه ۽ پنوعاقل جي ڪچي ۾ زمين جي مسئلي تان مهر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جو حملو، 7 ڄڻا قتل ٿي ويا، هٿياربندن ڳوٺ ولي محمد جتوئي تي حملو ڪري ڏنو،جتوئي برادري جا 6 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا، مهر برادري جو هڪ ڄڻو به مارجي ويو، ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪچي جي ڪچو ٻنڊي واري علائقي ڳوٺ ولي محمد مرڻاڻي جتوئي تي صبح جو سوير گلڻ مهر جي ڌر حملو ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ ڪري ولي محمد مرڻاڻي جتوئي جي ڌر جا 6 ڳوٺاڻا ايمڻ عرف امام الدين جتوئي ولي محمد جتوئي پٺاڻ جتوئي عظيم جتوئي خوشي محمد جتوئي ۽ شھوال مرڻاڻي جتوئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار ڌر جو هڪ ڄڻو عبدالحفيظ مهر قتل ٿي ويو، ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن ۾ گلڻ مهر جي ڌر جا ابراهيم مهر علي شير مهر ۽ مرڻاڻي جتوئين جا هڪ مهمان سميت ڪليم، رازق ڏنو عبدالفتاح ۽ عبدالصمد جتوئي زخمي ٿي پيا جيڪي واقعي واري هنڌ تان جتوئي ڌر جي ماڻھن کڻائي محمدآباغ ٿاڻي تي آندا جتان کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي شڪارپور منتقل ڪيو ويو جتان فرسٽ ايڊ بعد لاڙڪاڻي ريفر ڪيا ويا، ٻئي طرف گلڻ مهر ڌر جا ٻئي زخمي ۽ لاش رضاڳوٺ ٿاڻي جي پوليس راڄوڻي ڪوشش سان وصول ڪري پني عاقل اسپتال پهچايو جتان زخمين کي سکر ۽ لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو،توئي ڌر جو چوڻ ھو ته سندن ڳوٺ تي بيگناهه حملو ڪري 6 ڄڻن کي قتل ڪري جوابدار ڌر ٻن مقتولن امام الدين ۽ خوشي محمد جتوئي جا لاش کڻي ويا هئا جيڪي علائقي واسين جي معرفت 5 ڪلاڪن بعد وصول ڪري 6 ئي مقتولن جا مڙھ پني عاقل اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا جيڪي وارث مقتولن جا مڙھ گھر کڻائي پهتا ته سندن گھرن ۾ ماتم مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.