صدر اجلا س نه گهرائي آئين تي دهشت گرد حملو ڪري رهيو آهي: رضا رباني

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ميان رضا رباني صدر پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس نه  گهرائڻ کي آئين تي دهشتگرد حملو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ اڳواڻ رضا رباني اعتراض اٿاريندي چيو ته پاڪستان جو آئين دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهي، رياستون آئين جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن. هن چيو ته صدر پاران نگران وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي سمري رد ڪرڻ غير آئيني قدم آهي، اهو آئين جي آرٽيڪل 91 جي ڀڃڪڙي آهي، صدر کي جمهوري نظام کي پٽڙي تان نه هٽائڻ ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته آئين چوي ٿو ته 21 ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جو فارم 45  چوڏهن ڏينهن اندر ويب سائيٽ تي پڌرو ڪيو وڃي، اهو معاملو به اٿاريو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن صدر اجلاس نه ٿو گهرائي. ان جو سبب اهو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ ۾ ناهي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جو اعلان ڇو نه ڪري رهي آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.