مريم نواز پاران عورت کي هجوم کان بچائڻ تي ليڊي آفيسر کي شاباسي

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي نئين وزيراعليٰ مريم نواز پاران هڪ عورت کي مڇريل ماڻهن جي هجوم کان بچائڻ تي عورت آفيسر کي خراج تحسين  پيش ڪندي شاباسي ڏني آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ  جو چوڻ هو ته ڪنهن به عورت کي حراسان ڪرڻ ان لاءِ ريڊ لائن آهي، هن چيو ته عورتن کي محفوظ بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، هن چيو ته اي ايس پي شهر بانو کي آفيس گهرائي شاباسي ڏني ويندي، مون کي ڏسي اها خوشي ٿي ته ڊيوٽي تي موجود آفيسر سان امتياز سلوڪ ناهي ڪيو ويو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن  اي ايس پي هڪ خاتون کي هجوم کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.